چور پوليس راند

چور پوليس راند (راند): هيءَ ٻارن جي هڪ راند آهي، جنهن ۾ هڪڙا ٻه ٻار، پَٽ تي ٻنا ٻڌي، هٽ ٺاهي، انهيءَ ۾ مٽيءَ جُون ڍڳڙيون ٺاهي مال رکندا آهن، سي ٿيا هٽ جا واڻيا، جي رات جو دڪان ۾ سُمهي پوندا آهن. ٻيا ٻه ڄڻا ٿيندا چور، جي لڪي لڪي دڪان ۾ گهڙي ڍڳڙيون ڊاهيندا. هڪڙو واڻيو جاڳي چوندو ڪهڙو آهي؟ چور چوندس: ”چُپ ڪري سُمهي رهه ڪهاڙي نه هڻانءِ“ ۽ واڻيو ماٺ ڪندو ۽ چور ڍڳڙيون ڀڃي ويندا، پوءِ واڻيو شبد ڳائي ٻين واڻين کي سجاڳ ڪري چوندو:
ٻُوڙي ۾ هڪ ڌَرمي راجا، ڌَرتي کوٽڻ آياوي!
ٽِلو ته ٽوپڻ، ٽيڪم ساڌو، چور ڦرڻ آياوي!
واڻيا اچي گڏ ٿيندا، پوءِ چوندا ته هلو ٿاڻي تي صوبيدارکي دانهن ڏيون. ايندا ٿاڻي تي (ٿورو پريان صوبيدار ۽ ٻه پوليس وارا ويٺا هوندا) هڪ واڻيو چوندو: ”صوبيدار گهڻا چور هئا؟ ڪيڏي مهل آيا؟ ڪٿان کان کاٽ هنيو اٿن؟ ڇا ڇا کنيو اٿن؟“. ”چڱو فرياد لکايو“. واڻيو چوندو: ”ٻه ڳوڻيون تر، هڪڙي پاٽ ڪَتل،پنج مڻ ڳُڙ، دَٻو ڀڳڙا ۽ ريوڙيون، دَٻو بسڪوٽ ۽ ڪنگڻيون، اڌ مڻ ڏونگهيون. ٻيو اڻ ساريل سامان کڄي ويو آهي. صوبيدار هلو ته واردات ڏسون.“ پوءِ ايندا واڻين جو دڪان ڏسڻ، پوءِ چوندا: ”پيريءَ کي سڏ ڪريو، ته پيرا ڀيٽ ڪريون.“ پوءِ چورن جو پيرو کڻي، ڪاٺين کي گهوڙا ڪري، لانگ ورائي چور ڳولڻ نڪرندا، نيٺ انهن کي جهلي ٻڌي ٿاڻي تي ايندا، ڪوڙ پچاڻي مار ڏئي کين سچي ڪرائيندا، تان جو راند وڃي ختم ٿيندي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو